ترابي ،  علامه رشيد

ترابي ، علامه رشيد

علامه رشيد ترابي

علامه رشيد ترابي: علامه رشيد ترابي هندستان ۽ پاڪستان جي وڏن مذهبي عالمن ۽ شاعرن ۾ سر فهرست ٿي گذريو آهي. علامه رشيد ترابي 9 جمادي الثاني 1326هه/ 9 جولاءِ 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو مولوي شرف حسين خان هو. شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ مئٽرڪ حيدرآباد دکن مان پاس ڪري، شيعه ڪاليج لکنؤ ۾ داخلا ورتائين. گريجوئيشن عثمانيه يونيورسٽيءَ حيدرآباد دکن مان ۽ ايم. اي (فلاسافي) ۾ الهه آباد يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجهه عرصو ملازمت اختيار ڪيائين. هن اردو ۽ فارسي ادب آغا محسن شيرازي، علي حيدر طباطبائي، علامه ضامن ڪنتوري ۽ آغا محمد ڪرمانيءَ کان پڙهيا ۽ عربي ٻولي ۽ ادب آغا طاهر بن محمد ۽ مولانا صادق حسين کان پڙهيائين. اردو ۽ فارسي زبان جو بهترين شاعر هو ۽ سندس ڪلام شايع ٿيل آهي.علامه رشيد ترابي جي علمي لياقت کي مد نظر رکندي، قائداعظم محمد علي جناح کيس انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو رڪن بنايو. علامه رشيد، نواب بهادر يار جنگ سان گڏ مسلم ليگ لاءِ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ علامه صاحب 1949ع ۾ پاڪستان (ڪراچي) ۾ اچي آباد ٿيو. هي عالم ۽ شاعر هئڻ سان گڏ ننڍي کنڊ جو ممتاز مقرر ۽ خطيب محمد و آل محمد عليه السلام هو. سندس تصنيفن ۾ ”دستور طب معصومين“ تمام گهڻو مشهور آهي. هي اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ به مجلسون پڙهندو هو. هن پنجن هزارن کان مٿي تقريرون يادگار ڇڏيون آهن. جن مان ڪافي ڪتابي صورت ۾ موجود آهن. علامه صاحب جو ڀاءُ ڊاڪٽر مظهر علي خان انگلش جو پروفيسر ۽ پشاور يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو ۽ علامه صاحب جو پٽ علامه عقيل ترابي پڻ هڪ وڏو عالم ۽ مقرر هو. علامه رشيد ترابيءَ 22 ذيقعد 1393هه/ 18 ڊسمبر 1973ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ علامه رشيد ترابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو